شجره قادري (قلمي نسخو)

شجره قادري (قلمي نسخو)

شجره قادري قلمي نسخو

شجره قادري (قلمي نسخو): هي فارسي ٻوليءَ ۾ منظوم قلمي نسخو ‘شجره قادري’ جي نالي سان مشهور آهي. جنهن جو مصنف غلام محمد ولد خضر آهي. ڪنهن غلطيءَ سان ڪتاب جو نالو ’دربي بها‘ لکي ڇڏيو آهي. هي مثنوي عروضي قاعدن مطابق مثنويءَ جي هڪ بحر تي چيل آهي.
10 صفحن تي مشتمل هن قلمي نسخي جي هر صفحي تي 10 سٽون آهن. جيڪو خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي. اهو ڪتاب 1311هه/1893ع ۾ لکي پورو ٿيو پر ڪاتب جو نالو ڄاڻايل نه آهي. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
بسم الله الرحمٰن الرحيم
حمد خداهست برون ازجناب
گرچه نويسند ازان صد ڪتاب...”
نوڪ قلم سست ز تحرير آن،
گرچه ڪند جرات تسطير آن.
۽ پڄاڻي هيئن ٿئي ٿي:
“... باڪه ڪند لطف نوازد ورا،
از ڪرم خِويش شناسد ورا،
تمام شد بتائيد سعيد حق تعاليٰ شانه”
1311هه/ 1893ع
هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو